عشق اڻانگو آڪرو (ڪتاب)

عشق اڻانگو آڪرو (ڪتاب)

عشق اڻانگو آڪرو

عشق اڻانگو آڪرو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور سگهڙ وريام فقير ۽ مسرور مصطفيٰ شيخ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. جنهن کي مسرور مصطفيٰ ۽ ظهور احمد شيخ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي. پهرئين حصي ۾ مسرور مصطفيٰ شيخ جي شاعري ۽ ٻئي حصي ۾ نامور سگهڙ وريام فقير جي شاعري شامل آهي. هن ڪتاب ۾ ڏور، ڏهس ناما، ڏٺ، گوري، هنر، نقطن جي ڪاريگري، پهاڪا، ست سريون، نڙ بيت ۽ سرائتا بيت وغيره شامل آهن. 327 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي مسرور مصطفيٰ ۽ ظهور شيخ 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 350 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو